Skip Global Navigation to Main Content
Search
 
  •  
  • Photo

  • #

  • Photo

  • Photo

  • Photo

توهان جي چوگرد دهشتگردن کي روڪڻ جا سڀ کان اهم سببَ.

دهشتگردي زندگي جي هر موڙ تي معصوم ماڻهن کي قتل ڪري ٿي. دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڏنل معلومات ڪيتريون ئي حياتيون بچائي سگھي ٿي،ڪيترن ڪٽنبن کي تحفظ مهيا ڪري ٿي، ۽ امن امان کي قائم ڪري سگھي ٿي.

 

يونائٽيڊ اسٽيٽس دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏنل معلومات لاءِ انعامن جي آڇ ڪري ٿي. جيڪڏهن توهان کي اهڙي ڪنهن به قسم جي معلومات آهي جيڪا اسان جي مدد ڪري سگھي، ته مهرباني ڪري هاڻي ئي اطلاع ڏيو.

 

هڪ ترڪيب جمع ڪريو

Skip Breadcrumb Navigation

تازه خبرون

  • جوئل ويسلي شرم جو قتل

    جوئل ويسلي شرم جو قتل

    تعز، يمن. | ۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع

    ۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع تي، شرم، عمر ۲۹ سال، کي تعز، يمن ۾ ڪم تي ويندي رستي ۾، موٽر سائيڪل تي پويان ويٺل ھڪڙي ھٿياربند سندس گاڏيءَ جي ڀرسان گذرندي، کيس گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو. مرڻ وقت، شرم انٽرنيشنل ٽريننگ اينڊ ڊيولپمنٽ سينٽر ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ انگريزي استاد طور ڪم ڪندو ھو. ھو يمن ۾ پنھنجي زال ۽ ٻن ننڍن ٻارن سان گڏ رھندو ھو. حملي کان ڪجھ ڏينھن پوءِ، جزيره نما عرب (AQAP)۾ دھشت گرد تنظيم القاعده ھن قتل جي ذميواري قبول ڪئي. (پورو مواد »)

  • جا فوٽ  ـ ابو دعا

    ابو بڪر البغدادي (Abu Bakr al-Baghdadi)

    25 ملين ڊالر تائين

    ابوبڪر البغدادي، ابو دعا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ابراھيم، اواد ابراھيم، علي البدري نالي سان پڻ مشھور آھي، اھو دھشت گرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ ليوينٽ (آئي ايس آئي ايل) جو وڏو اڳواڻ آھي. ۲۰۱۱ع ۾ البغداديءَ جو ڏس پتو ٻڌائڻ، گرفتار ڪرائڻ، يا سزا ڏيارڻ تي ڊپارٽمنٽ آف اسٽيٽ پاران ۱۰ ملين آمريڪي ڊالر ابتدائي انعام رکڻ جي ڪري البغداديءَ کي خطرو اڃا وڌي ويو آھي. جون ۲۰۱۴ع ۾آئي ايس آئي ايل (جيڪا داعش جي نالي سان پڻ مشھور آھي) شام ۽ عراق جي ڪجھ حصن تي ڪنٽرول ڪري ورتو، انھن اسلامي خلافتي نظام رائج ڪيو، ۽ البغداديءَ کي خليفي جو نالو ڏنو ويو. ھاڻوڪن سالن ۾، آئي ايس آئي ايل سڄي دنيا ۾ موجود جھادي گروپن ۽ شدت پسند ماڻھن جونوفاداريون حاصل ڪري ورتيون آھن، ۽ آمريڪا تي حملا ڪرڻ تي کين راضي ڪري ورتو آھي. (پورو مواد »)

  • گل مراد خليموف (Gulmurod Khalimov)

    گل مراد خليموف (Gulmurod Khalimov)

    3 ملين ڊالر تائين

    گل مراد حليموف تاجڪستان جو ثابق ڪرنل اسپيشل آپريشن، پوليس ڪمانڊر، مليٽري نشان باز اسلامي رياست عراق ۽ ليوانٽ (آئي ايس آئي ايل) جو هڪ رڪن ۽ ڀرتي ڪار آهي. اهو تاجڪستان جي وزارتِ داخلا ۾ مخصوص معاون فوجي يونٽ جو ڪمانڊر هئو. خليموف هڪ افواهي ويڊيو ۾خاطري ڪندي اهو ظاهر ڪيو ته هو آئي ايس آئي ايل پاران وڙهي ٿو ۽ هن آمريڪين لاءِ سرِعام تخريبي عملن لاءِ سڏيو. (پورو مواد »)

  • ابو محمد الشمالي (Abu-Muhammad al-Shimali)

    ابو محمد الشمالي (Abu-Muhammad al-Shimali)

    5 ملين ڊالر تائين

    مها اسلامي عراق ۽ ليوانٽ (آئي ايس آئي ايل) جو سرحدي اڳواڻ تراد الجبره جيڪوبهتر نموني ابو محمد الشمالي ڄاتوطور وڃي ٿو سو 2005 کان آئي ايس آئي ايل جنهن کي پهريائين القائده چيو ويندو هئو سان وابسطه رهيو آهي. اهو هاڻي آئي ايس آئي ايل جي اميگريشن ۽ لاجسٽڪ ڪاميٽي جو ڪليدي ڪامورو آهي ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن جي ابتدائي طور غازيان تيپ، ترڪي ۽ انکان اڳتي آئي ايس آئي ايل جي  (پورو مواد »)

  • نوادرات

    اها معلومات جيڪا اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جي فائدي جي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي منتقلي روڪٿام ۾ قابلِ قدر رهنمائي ڪندي

    انصاف جو انعامي منصوبو اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جنهن کي عربي انداز ۾ دائش به ڪوٺبو آهي تنهن جي بلواسطه فائدي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي تجارت/وڪري متعلق قابل قدر رڪاوٽ ۾ اڳڀرائي ڪندڙ معلومات تي 5 ملين يو ايس ڊالرن جي پيشڪش ڪري رهيو آهي. (پورو مواد »)

ڪامياب ڪهاڻيون

جا فوٽورمزي احمد يوسف

مجرم

هڪ ڳُجهي خبر رمزي احمد يوسف کي سزا ڄارائي.


رمزي يوسف احمد دهشتگردن جو نمايان ذهني صلاحيت وارو ماڻهو فيبروري 1993 تي نيويارڪ شهر ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي بمباري جو ذميوار هو جنهن ڇھ ماڻهو ماريا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ڪيا. يوسف ۽ هن جي مددگارن بارود سان ڀريل هڪ وين کي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تھ خاني ۾ هلائي آيا. بمباري ٿيڻ جي ڪالڪن ۾، يوسف هڪ جهاز تي پاڪستان ڏانهن ڀڄي ويو.

يوسف فلپائن ۾ وري ظاهر ٿيو جتي هي هڪ ڳجهو دهشتگري جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مصروف هو. يوسف 14 جنوري،1995 ۾ پاپ جاهن پال ٻه کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو جڏهن هو فلپائن ڏانهن سفر ڪري رهيو هو، ۽ صرف ڪجه ڏينهن کان پوءِ ايشيا ۾ گڏيل قومن جي 12 هوائي جهازن کي اڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو. ان سڄي منصوبي کي “آپلان بوجنڪا” جي اصطلاح سان سڃاتو ويو، هڪ اصطلاح جنهن کي عربي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ويو، مطلب(پورو مواد »)

ڙو


twitter   facebook   youtube   rss